بر وقت ٿيندڙ سوال
مان ڪهڙيءَ طرح آٽزم جو بهترين علاج ڳولي سگهان ٿو؟
ڪنهن ماڻهون لاء موزون علاج ڳولڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته ان جي خوبين ۽ ان جي مسئلن کي سمجهيو وڃي. ڪنهن ماڻهون جي طرز عمل جو مشاهدو ڪرڻ، ۽ ان جي ضرورتن کي ڄاڻڻ، ان جي بهتري ۾ مدد جي طرف پهريون قدم آهي. ان کي پوءِ ڪنهن ڊاڪٽر ۽ ماهر نفسيات سان مشورو ڪرڻ سان توهان کي ان ممڪنا علاج ۽ تربيتن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي جيڪا ان ماڻهون لاء مفيد ثابت ٿي سگهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته توهان هڪ علاج شروع ڪيو ۽ پوءِ توهان کي خبر پوي ته هي توهان جي گهربل ضرورتن کي پورو نٿو ڪري. ان ڪري هر هر تجربا ڪرڻ هن عمل جو وڏو حصو ٿي سگهي ٿو.